اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ا??غان تڪرار جو فوجي حل ناهي ۽ سياسي ڳالهيون ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهن، افغان قيادت کي ان مسئلي جي سياسي حل جي لاءِ ان تاريخي موقعي مان فائدو وٺڻ گهرجي، پاڪستان افغانستان جي مستقبل جي حوالي سان افغان قوم جي فيصلي سان گڏ بيٺل هوندو. افغان امن ع??ل ۾ پاڪستان جي ڪردار کي عالمي برادري ساراهيو، دوها ۾ بين الاافغان ڳالهين جو آغاز هڪ سنگ ميل جي حيثيت رک?? ٿو، ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي قومي مصالحتي هاءِ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ه??ي ملاقات ڪئي،